تاريخ جهان ڪشاي جويني

تاريخ جهان ڪشاي جويني (ڪتاب ):هن فارسي ڪتاب جو مؤلف علاءِ الدين عطا ملڪ جويني (623هه مطابق 1226ع کان 689 هه مطابق 1290ع) آهي. هي هلاڪو خان جي درٻار سان وابسته هو ۽ بغداد جي تباهيءَ کان پوءِ اتي جو حاڪم مقرر ٿيو. عطا ملڪ جويني پنهنجي تصنيفتاريخ جهان ڪشاي جويني“ کي ٽن جلدن ۾ ورهايو آهي. پهرين جلد ۾ منگولن ۽ چنگيز خان جو ذڪر آهي. ٻئي جلد ۾ خوارزم شاهه جي تاريخ ۽ ٽئين جلد ۾ ايران جي تاريخ قلمبند آهي. هي ڪتاب لکندي مستند ماخذن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. هيءَ ڪتاب تمام اهم تاريخي دستاويز آهي. هن ۾ تقريباً اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪيل آهي. ايغوري ۽ تاتاري لفظن جو فارسي ۾ استعمال سڀ کان پهرين هن ڪتاب ۾ ٿيو آهي. هي ڪتاب عطا ملڪ جويني 659 هه بمطابق 1260ع ۾ تاليف ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جو به تذڪرو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو